ڊگهڙي: ڊگهڙي ۾ ووٽ مرضي تي ڏيارڻ لا بااثر زميندار مبينا طور گهر ڊهرائي ڇڏيا، متاثر ڌر جي ماڻهن انصاف لا مظاهرو ڪيو. ڊگهڙي ڀرسان يوسي پٻڻ ون جي ڳوٺ ديھه 149 جي رهواسي ڀيل برادري جي ماڻهن زميندار جي زيادتين خلاف ابو ڀيل، ڏاڙهون ڀيل، وڪيو ڀيل، مٺان ڀيل، بصران، ستٻائي، راڻي ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ڳوٺ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي برادري جا 20 گهر هتي جمڙائو ڪئنال جي ڍاڪي تي آهن، محنت مزدوري ڪري ٻارن جو پيٽ گذر ڪندا آهيون، بااثر زميندار ارحم آرائين اسان کي دٻا وجهي رهيو آهي ته ووٽ منهنجي مرضي تي ڏجو، ٻي صورت ۾ هتان لڏي وڃو. هنن چيو ته زميندار اسان جو چوپايو مال زبردستي ڪهي کائي ويو آهي. گذريل ڏينهن اسان جا ڪجھه گهر پڻ ڊاهي ڌمڪي ڏئي ويو آهي ته جيڪڏهن منهنجي مرضي تي ووٽ نه ڏنا ته آئون ڪرين مشين سان گهر ڊهرائي ڇڏيندس. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close