پاڪستانسنڌ

بدين ۾ ڪيو اي ٽي اڳواڻن تي ڪيسن ۽ حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين: قومي عوامي تحريڪ بدين ضلعي جي اڳواڻن رشيد گوپانگ، وليداد گوپانگ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ لواري شريف ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمين جي ايف آئي آر داخل نه ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر گيانچند مهيشوري، اصغر نوتڪاڻي، عبدالرشيد گوپانگ، وليداد گوپانگ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن زرينہ پرويز، حسينہ جمال۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين ۾ قاضيه واھه موري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي بلدياتي اليڪشن ۾ شڪست جي خوف کان بوکلاهٽ جو شڪار ٿي لواري شريف ۾ اسان جي همدردن ۽ حمايتن مٿان حملو ڪري کين شديد زخمي ڪري لواري شريف ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. بدين جي پوليس پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي ڌر بڻيل آهي ۽ چار ڏينهن گذرن باوجود اسان جي ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بدين جي ضلعي انتظاميا پنهنجو رويو درست نه ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button