پيرولاشاري: عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڀڄ پڙ جي رھواسڻ ڇوڪري امينا زال علي محمد مڱريو ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب پيرولاشاري تي پھچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ھن چيو ته حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن تي منھنجا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جنھن ۾ عباس مڱريو، اسلم مڱريو، عطا مڱريو، اطھر مڱريو مونکي ۽ منھنجي مڙس کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ان ڪري ايس پي بدين ۽ ايس پي ٿرپارڪر کان کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close