ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو لڳ ٻارڙي کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر، يونين ڪائونسل جھوڪ جي ڳوٺ عارف چانڊيو ۾ 18 مهينن جي ٻارڙي قادر بخش پٽ جمن رند کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نينگر جي پي جمن رند صحافين کي ٻڌايو ته پنجن ڏينهن کان اچانڪ سندس معصوم پٽ قادر بخش جي کاٻي ٽنگ ۾ ڦيرو اچي ويو آهي، هن فوري طور پٽ کي تعلقه اسپتال ميرپوربٺورو پهچايو.
جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر نينگر جو چيڪ اپ ڪري طاقت جو سيرپ لکي ڏنو ۽ هن چيو ته دوا پيارڻ بعد حقيقت ٻڌائيجو، نينگر جي پي دانهون ڪندي ٻڌايو ته مونکي شڪ آهي ته هن جي ٻچڙي کي پوليو ٿي ويو آهي، هن صحت کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي هن جي معصوم پٽ جون ٽيسٽون ڪرائي ترت علاج فراهم ڪيو وڃي.