پاڪستانسنڌ

پ پ وارا اسان جي اميدوارن تي هٿ کڻڻ لا دٻا وجهن پيا: گدا حسين شاھه

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ پيپلزپارٽي جي پئنل سان مقابلو ڪندڙ لطيفي آزاد پئنل جي اڳواڻ سيد گدا حسين شاھه لطيفي پنھنجي ساٿين سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائٔيندي چيو آھي ته پيپلزپارٽي اڳواڻ اسان جي پئنل اميدوار وٽ وڃي ان کي اليڪشن تان ھٿ کڻڻ لا مختلف طريقن سان دٻا وجھي پريشان ڪري رھيا آھن، جيڪو عمل بلڪل غلط آھي، اليڪشن وڙھڻ ھر ڪنھن جو حق آھي. ھنن چيو ته اسان جو مقابلو پيپلزپارٽي پئنل سان آھي، اسان جي اليڪشن ڪئمپ تي پي پي اڳواڻ اچي اسان جي اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ لا ڌمڪائي رھيا آھن.

پي پي اڳواڻ سيد فيض عباس شاھه پنھنجي ساٿين سان گڏ اسان جي اميدوار منير کوسو جي اليڪشن آفيس تي پھچي، ان کي پنھنجي پٽ پي پي اميدار سيد محمد شاھه جي حق ۾ ھٿ کڻڻ لا دٻاء وڌو آھي، منير کوسو اسان جي لطيفي پئنل طرفان وارڊ نمبر 6 تي اميدوار آھي، ان کي ھٿ کڻڻ لا پريشان ڪيو پيو وڃي. اھڙي عمل جو اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتون نوٽيس وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button