پاڪستانسنڌ

ڊاڪٽر سڪندر جون پارٽي لاءِ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن: وڏو وزير

بدين: سنڌ جو وڏو وزير بدين پهتو، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وارثن سان تعزيت، پريس ڪلب جي اعلانيل گرانٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه بدين پهچي منڌرا هائوس تي پ پ پ جي مرحوم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ذڪريا منڌرو، ڀاءُ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو، فدا منڌرو، ڀائٽين انجنيئر ذوالفقار منڌرو، زبير منڌرو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي هن ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر سڪندر جون پارٽي لاءِ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن، ملڪ ۾ جھموريت جي بقا قانونسازي ۽ پارٽي لاءِ سندس خدمتن کي هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وڇوڙي سان پارٽي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو سالن تائين نه ڀرجي سگهندو. ان موقعي تي صحافين طرفان ڪجهه وقت پھرين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي ماتلي دوري دوران پريس ڪلب بدين لاءِ 20 لک رپيا جي گرانٽ جي اعلان بعد اها رقم نه ملڻ جي شڪايت تي وڏي وزير يقين ڏياريو ته پريس ڪلب جي لاءِ اعلان ڪيل رقم ترت جاري ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button