پاڪستانسنڌ

دوداپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي بجلي تارن سان ٽڪرائجي وئي، 2 ڄڻا فوت

دوداپور: دوداپور ويجهو بُهھ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي 11 هزار وولٽيج جي تارن سان ٽڪرائجي وئي، ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ واپاري ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا، خبر موجب دوداپور ويجهو درگاهه لال شاھه بري ڀرسان بُھه سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي 11 هزار وولٽيج جي تارن سان ٽڪرائجڻ سبب ضلعي شڪارپور جي نبي شاھه وڳڻ جا رهواسي عبدالرزاق گوپانگ ۽ مولابخش ڏاهاڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، ٻنهي فوتين جا لاش پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد جي پوليس ۽ علائقي واسين تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

علائقي واسين جو چوڻ آھي ته فوتي علائقي ۾ بُھه جي خريداري ڪندا هئا، جيڪي 11 هزار وولٽيج جي تارن سان ٽڪرائجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن، ياد رهي ته دوداپور سميت مختلف علائقن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان 11 هزار وولٽيج جون تارون هيٺ ھجڻ سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ معمول بڻيل آھن، علائقي واسين جو چوڻ آھي ته اختياريون نوٽيس وٺن ۽ بجلي جا پول ۽ تارون نئين سر لڳائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button