اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي چين کان 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ملي ويو

اسلام آباد : چين پاڪستان کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته خوشي سان اعلان ڪريان ٿو ته چيني ڪنسورشيم طرفان پاڪستان کي قرض جي مد ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن. هن ٻڌايو ته اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسان جي ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته چيني ڪنسورشيم کان 15 ارب آر ايم بي (لڳ ڀڳ 2 ڏهائي 3 ارب ڊالر) جي رقم اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان جي ٻاهرين ناڻي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button