پاڪستانسنڌ

جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريندڙ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ کنڀجي ويو

ڪراچي: جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريندڙ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ارسلان خان گهر مان مبينا طور کنڀجي ويو آهي، جنهن تي ايمنسٽي انٽرنيشنل ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ مطابق گم ٿيل سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ارسلان خان جي گهرواري چيو آهي ته ڪالهه رات ساڍي چئين وڳي 14، 15 اهلڪار گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ارسلان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ارسلان خان جي گهرواري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گهر ۾ داخل ٿيندي ئي سرڪاري اهلڪارن اسان تي هٿيار تاڻي ڇڏيا، ارسلان کي بنا ڪنهن ڏوهه پاڻ سان وٺي ويا. ارسلان جي ڏوهه بابت اهلڪارن ٻڌايو ته اهلڪارن ٻڌايو ته هو سوشل ميڊيا تي گهڻو ڳالهائيندو آهي ۽ گهڻو لکندو آهي، انڪري کيس گرفتار ڪري رهيا آهيون. ارسلان جي گهرواري لاڳاپيل ادارن کان اپيل ڪئي ته هو مسئلي کي ڏسن ۽ مدد ڪن. هوڏانهن صحافي ارسلان خان جي گهر مان اغوا تي ايمنسٽي انٽرنيشنل پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ارسلان خان کي صبح چئين وڳي سندس رهائشگاهه تان اغوا ڪيو ويو آهي، مخالفن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ کين پنهنجن پيارن کان جدا ڪرڻ وارو اڻوڻندڙ عمل ختم ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button