پاڪستانپنجاب

پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس لاءِ صلاح مشورا

لاهور: پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آرٽيڪل 6 ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تحت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پنجاب حڪومت جي صوبائي وزيرن طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف آرٽيڪل 6 ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانونن تحت ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ صوبائي ڪابينا ۽ پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس بابت وزيراعلي ايوان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪنهن رياستي اداري کان اجازت ناهي وٺڻي ڇاڪاڻ ته ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن. سندس چوڻ هو ته فواد چوڌري، قاسم سوري، عمر سرفراز چيما سميت ٻيا آئين ٽوڙڻ جا ذميوار آهن، سندن خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جڏهن ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙ خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تحت ڪيس داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button