بلوچستانپاڪستان

ترقي لاءِ سمورن صوبن ۽ علائقن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو: وزيراعظم

گوادر: وزيراعطم شهبازشريف هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته ترقي لاءِ سمورن صوبن ۽ علائقن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، ٻاهرين قرضن تي ڀاڙڻ بدران زراعت صنعت سميت مختلف شعبن ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو، چين سميت دوست ملڪ سيڙپڪاري جي ذريعي اسان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصو وجهي رهيا آهن. هو جمعي تي گوادر جي دوري دوران بزنس سينٽر ۾ مقامي ماهيگيرن سان ملاقات جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته عوام پرڏيهي سيڙپڪاري جو محافظ بڻجي پرڏيهي رهواسين جي سلامتي اسان کي پاڻ کان وڌيڪ پياري هئڻ گهرجي، دشمن ڪيترن ئي ماڻهن کي هٿيار بڻائي کين نشانو بڻائي ٿو. وزيراعظم چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ 100 ارب رقم رکي وئي آهي، گوادر ۾ ماهيگيرن کي ٻيڙين لاءِ 2000 انجڻيون فراهم ڪيون وينديون ان لاءِ 200 ايڪڙ تي ٻڌل ڪالوني ٺاهي ويندي، يونيورسٽي جلد مڪمل ڪئي ويندي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو، ايران سان 100 ميگاواٽ بجلي فراهمي جو معاهدو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button