پاڪستانسنڌ

عارف علوي ملڪ جو نه پر عمران خان جو صدر بڻيل آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کهڙو جي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صدر عارف علوي پاران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ٻيو ڀيرو چونڊ سڌارن، اي وي ايم مشين جي خاتمي ۽ نيب قانون ۾ ترميمن بابت منظور ڪيل بلن تي صحيحون نه ڪرڻ جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ آرڊيننس فيڪٽري جي سربراهه بڻيل صدر کي پارليامينٽ جا فيصلا سٺا نه ٿا لڳن جنهن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته صدر عارف علوي پاڪستان جو صدر نه پر عمران خان جو صدر بڻيل آهي، صدر جي مواخذي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت هجي ته صدر جو مواخذو ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان وٽ اها اڪثريت هجي ها ته صدر جو مواخذو ضرور ڪريون ها. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت طرفان آدمشماري تي سنڌ کي گهٽ آبادي ڏيکارڻ تي سنڌ کي اعتراض هئا پر اڳوڻي حڪومت ازالو ڪرڻ بجاءِ ڪچي آدمشماري کي پارليامينٽ ۾ کڻي منظور ڪرايو ۽ ان کي سي سي آءِ ۾ به نه آندو ويو. هن چيو ته عمران خان اين ايف ايوارڊ جي خلاف هو جنهن سنڌ اچي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ڪري وفاق کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آيو ۽ عدالت فيصلو ڏنو ته وقت تي چونڊون ٿيڻ گهرجن ڇاڪاڻ چونڊن کان بعد به قانون ۾ تبديلي ۽ تڪبندين ۾تبديلي ممڪن آهي، ڪٿي ڪو اميدوار اغوا ناهي ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ صرف هڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي جا 150 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، هٿ کڻڻ ۾ اميدوار جي مرضي شامل هوندي آهي جنهن لاءِ علي زيدي گهڻو ڪجهه چيو، جنهن جي اسين مذمت ڪيون ٿا، مڪاني چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ کي اميدوار نه مليا جيڪا سنڌ دشمني پارٽي ثابت ٿي آهي ۽ هنن اين ايف سي ايوارڊ تي به حملو ڪري سي پيڪ کي تباهه ڪيو ۽ ڪراچي لاءِ اسڪيمن جو اعلان ڪري سنڌ کي ڪجهه به نه ڏنو پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت ٿرڪول جي ذريعي ٿر ۾ بجلي فراهم ڪئي ۽ پي ٽي آءِ وارن ايل بي او ڊي جي مرمت به نه ڪرائي جيڪو 1980 ۾ ٺهيو هو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين تائين روڊ به نه ٺهي سگهيو جنهن لاءِ سنڌ 7 ارب روپيا ڏنا پر اڳوڻي حڪومت هڪ روپيو به نه ڏنو، پي ٽي آءِ جي حڪومت آرڊيننس فيڪٽري هئي جنهن 35 بل 15 منٽن ۾ پاس ڪرايا جيڪي سڀ آرڊيننس هئا. هن چيو ته هن سال موسمي تبديلي جي ڪري برساتون نه ٿيون ۽ پاڻي وڌڻ تي واپڊا وارا پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيندا آهن جيئن بجلي ٺهي سگهي ۽ فيبروري مارچ ۾ پاڻي کي ختم ڪيو ويندو آهي، تربيلا ڊيم بجلي ۽ زراعت لاءِ ٺاهيو ويو آهي جتي 60 هزار پاڻي پهچندو هو ۽ 59 هزار سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي هتي پاڻي پهچڻ تي 30 کان 40 هزار ڪيوسڪ ٿي ويندو آهي، اسان تونسا کان گڊو تائين پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي جنهن رپورٽ ڏني ته 16 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي ۽ مختلف هنڌن تي 15 پمپنگ مشينون لڳل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button