اسلام آبادپاڪستان

رٽائرڊ ججز کي ڪنهن به قسم جون مراعتون ڏيڻ جو مخالف آهيان:جسٽس فائز

اسلام آباد :جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رٽائرڊ ججز کي ڪنهن به قسم جون مراعتون ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سندس چوڻ آهي ته رٽائرڊ ججز لاءِ مراعتن جي منظوري جو مطلب آهي ته اسان جج طور اهو عهدو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪنداسين. چيف جسٽس پاڪستان کي لکيل خط ۾ سندس چوڻ هو ته رجسٽرار فل ڪورٽ جي منظوري لاءِ هڪ سرڪلر اماڻيو آهي، ان جو فائدو رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اسان ججز کي ٿيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي ته جج جي حلف ۾ شامل آهي ته هو ججز جي ضابطا اخلاق تي عمل ڪندو. هن اهو به لکيو ته ججز جو پنهنجي لاءِ مراعتن جي منظوري ڏيڻ ججز جي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته رجسٽرار ۽ اسان ججز کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اسان جي عهدي جي گهرج ڪهڙي آهي. رجسٽرار کي اها غلط فهمي آهي ته هو هر جج طرفان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته رٽائرڊ جج کي ڪنهن به قسم جون مراعتون ڏيڻ جي تجويز سان اختلاف ڪريان ٿو. خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ريٽائرمينٽ کان ڪجهه مهينا اڳ فل ڪورٽ ميٽنگ گهرائي، جنهن ۾ رٽائرڊ چيف جسٽس لاءِ گريڊ 16 جي سيڪريٽري جي منظوري ورتي وئي. هن چيو ته فل ڪورٽ کان 2018 ۾ منظوري ان وقت ورتي وئي، جڏهن مون سميت ڪيترائي ججز موڪلن تي هئا. جڏهن فل ڪورٽ منٽس منظوري لاءِ مون کي موڪليا ويا ته مان اعتراض لڳايو ۽ اختلاف ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته ڇا اهڙي حڪومت جنهن جا ڪيس عدليا سامهون هجن، اها فل ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته انصاف جي فراهمي کي متاثر ڪندڙ ڪيترائي اهم معاملا 2019 کان ڌيان طلب آهن. رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي انهن معاملن بدران نظر عوامي مسئلن ڏانهن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button