پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ 20 سماجي تنظيمن تي ٻڌل ڊسٽرڪٽ سول سوسائٽي نيٽورڪ قائم

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 20 سماجي تنظيمن تي مشتمل ڊسٽرڪٽ سول سوسائٽي نيٽورڪ جوڙيو ويو، نيٽورڪ جو مقصد ڪميونٽي جي بهتري لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ لائن ڊپارٽمينٽس ۽ سول سوسائٽي آرگنائيزيشنز (سي ايس اوز) جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهھ ٿرديپ پاران شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قائم اڪبر نمائي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر مرتضيٰ گوهر، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالله نظاماڻي، چيف ميونسپل آفيسر قاسم آباد ظهور احمد، ايڊمنسٽريٽو تعلقو حيدرآباد محمد اسلم، ڊپٽي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) محترمه سيده عروج فاطمه ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ پاران فيصل بلوچ، ٿرديپ جي ٽيم شميم اختر، رخسانا ٻرڙو، روبينا بلوچ، عبداللطيف، قيصر پروين، فھميدا جوڻيجو ۽ حنا زنگي سميت 20 سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي حيدرآباد ضلعي ۾ مختلف مسئلن ۽ منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي نگراني هيٺ ڊسٽرڪٽ سول سوسائٽي نيٽ ورڪ جوڙيو ويو. نيٽ ورڪ جو صدر عبدالمجيد ملاح، جنرل سيڪريٽري عبداللھ ويسر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ممتاز ڪوري کي چونڊيو ويو. ان دوران قائم اڪبر نمائي ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ جي ڪم کي واکاڻيندي سي ايس اوز کي چيو ته اُهي پنهنجي سي ايس اوز ۽ ڊي سي اين کي مستقبل ۾ به سرگرم رکندي ساڳي نموني حصو وٺندا رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button