پاڪستانسنڌ

عوام جي جان، مال ۽ عزتن جو تحفظ رياست جو فرض آهي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جيڪب آباد ۾ دستي بم ڌماڪي واري واقعي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي ۾ زخمين جي لاءِ نيڪ تمنائن ۽ جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته جيڪب آباد واقعي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته رياست جو فرض آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزتن کي مڪمل تحفظ ڏئي محفوظ بڻائي پر سنڌ حڪومت ان ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.

جنهن سبب پوري سنڌ بدامني، قتل ۽ دھشتگردي جي ور چڙهيل آهي، روزانو سنڌ ۾ مختلف واقعا ٿين ٿا جن ۾ عوام جي عزت جان مال سميت ڪجهه محفوظ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ امن، شانتي، سهپ ۽ رواداري جي ڌرتي آهي، جيڪا هر قسم جي دهشت ۽ وحشت کي نه صرف رد ڪري ٿي پر ان خلاف ماضي ۾ به ويڙهه ڪندي رهي آهي هاڻي به ان جو مقابلو ڪندي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور واقعي ۾ ملوث جوبدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button