پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان لڳ واهه جي ڪنارن تان مٽي جي چوري خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان: يونين ڪائونسل لاکاٽ جي مختلف علائقن مان بااثرن پاران پاندي واهه جي ڪنارن تان غيرقانوني طور مٽي چوري ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، رهواسين احتجاج ڪيو، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ جي رهواسين مٺو ڪولهي، وسايو خاصخيلي، ابراهيم ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لاکاٽ جي مختلف علائقن مان سرڪاري مٽيءَ جي چوري جو سلسلو ڪيتري وقت کان جاري آهي علائقي جي ڊمپر مافيا پانڌي واهه، سم نالن ۾ سرڪاري ڀڏن تائين غيرقانوني طور تي روزانو ڊمپرن ذريعي لکين روپين جي مٽي چوري ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊمپر مافيا خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button