نوابشاھه: وزير اعظم شھباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان سندس والده جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ لاءِ ڪابينا سميت خاص جهاز وسيلي نوابشاهه پهتو، ايئرپورٽ کان وٺي زرداري ھائوس تائين سيڪيورٽي جا غير معمولي اپاءُ ورتا ويا، خبر موجب وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف ڪراچي مان پنھنجي ڪابينا جي ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سان گڏ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والده ۽ پرڏيھي معاملن جي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڏاڏي بيگم زرين بخاري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ھڪ خصوصي فوڪر جھاز ذريعي نوابشاھ ايئرپورٽ پھتو جتي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ، پ پ جي ڊويزنل صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، پيپلزپارٽي جي ٻين اھم اڳواڻن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي وزير اعظم جو ايئرپورٽ تي آڌر ڀاءُ ڪيو جنھن بعد وزير اعظم پنھنجي ساٿين سان گڏ باءِ روڊ زرداري ھائوس نوابشاھ پھتو، ايئرپورٽ کان وٺي زرداري ھائوس تائين سيڪيورٽي جا انتھائي غير معمولي ۽ سخت اپاءُ ورتا ويا ھئا ۽ زرداري ھائوس ڏانھن ويندڙ روڊ وزير اعظم جي آمد دوران ڪجهھ دير لاءِ عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا ھئا. وزير اعظم شھباز شريف سان گڏ تعزيت لاءِ پھتل وفد ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڊپٽي اسپيڪر زاھد اڪرم دراني، ريلوي جو وفاقي وزير خواجہ سعد رفيق، واپار جو وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزير اعظم جو خصوصي صلاحڪار سيد فھد حسين شامل ھئا، زرداري ھائوس ۾ اڳوڻو وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي شازيه عطا مري، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، آصفه ڀٽو زرداري، علي حسن زرداري ۽ ٻيا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان گڏ موجود ھئا. انھي موقعي تي وزير اعظم شھباز شريف ۽ ساڻس گڏ آيل وفد آصف علي زرداري ۽ سندس ڪٽنب سان سندن والده مرحومہ بيگم زرين بخاري جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني ڪئي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو. وزير اعظم شھباز شريف ۽ آيل وفد ڪجهھ ڪلاڪن تائين زرداري ھائوس نوابشاهه ۾ موجود رھيو جنھن بعد واپس روانو ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close