ڪشمور: ڪشمور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ايس ايڇ او ڪرمپور فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب، ڪشمور جي گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ شر عورت سان اجتماعي زيادتي ۽ قتل واري معاملي تان هلندڙ تڪرار ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران گولي لڳڻ سبب ايس ايڇ او ڪرمپور نبي بخش عرف بابو جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو هو.
ايس ايڇ او کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو هو جتي طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب 20 ڏينهن اڳ کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن جو آپريشن ڪيو ويو هو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. شهيد ايس ايڇ او جو مڙهھ اڄ ڪراچي کان ڳوٺ گامڻ جکراڻي رسالدار ۾ آندو ويندو جتي نماز جنازہ کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويندو.