پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺورو ۾ مطالبن جي مڃتا لا ايس ايس ٽي جي احتجاجي ريلي

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ايس ايس ٽي ضلعي سجاول پاران مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، مرتضى پرھياڙ، امير زئور، صفير زئور، رتن واگيلا، دلدار ڏيٿو، وقاص زئور مرتضى زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي تعليم جي بجيٽ ۾ واڌارو نه ڪرڻ، ھر سال تعليمي ادارن اندر فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سميت سمورن شاگرد دشمن منصوبن خلاف جعفر پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي صوفي شاھه پريس ڪلب ميرپوربٺورو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن چيو ته حڪومت تعليمي بجيٽ نه وڌائي تعليم دشمني ڪئي آهي. سنڌ حڪومت يونيورسٽي ۽ بورڊز جي بجيٽ کي 6 ارب مان گهٽائي 3 ارب تائين ڪٽوتي ڪري سنڌ جي اعلى تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي. سنڌ جون يونيورسٽيون جيڪي اڳ ئي مالي ڏيوالي جو شڪار آهن، انهن جي بجيٽ گهٽائي تعليم دشمني ڪئي وئي آهي. ھنن چيو ته اسان جي تحريڪ ٻن مهينن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن، ڌرڻن ۽ بک هڙتالن جي صورت ۾ جاري رهندي، جنهن کانپوءِ 21 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ هزارين شاگردن جي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button