پاڪستانسنڌ

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لا ٽنڊو محمد خان ۾ مظاهرو

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ سڀا طرفان قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اصغر مهراڻ، شبير لغاري، شاهه فهد ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي بناجواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

جنهن جو عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سنڌ جي قومي جمهوري جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هنن چيو ته فوري طور کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button