پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ پاڻي کوٽ، وڌندڙ مھانگائي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم پاران پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، وڌندڙ مھانگائي ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ضلعي صدر ظھور ھاليپوٽو، فرحان ٻرڙو، راجا سرمد حاجاڻو، جاويد ھاليپوٽو، صوفي حامد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري سنڌ جي سرزمين کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته سنڌ جا غريب ۽ مسڪين ماڻهو مهانگائي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ٽنڊو محمد خان سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو وڃي. ريلي ۾ مختلف قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button