پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي اميدوارن جا فارم رد ٿيڻ خلاف مظاهرو

حيدرآباد: قاسم آباد ۾ پ پ جي صوبائي وزير جي حڪم تي قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن جا فارم رد ڪرائڻ لاءِ ايم ڊي واسا ذريعي پاڻي جا لکين روپين جا ڪوڙا بل ڏيارڻ ۽ آر او اسماعيل لغاري طرفان بي سبب فارم رد ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خادم شورو، آغا عباس پٺاڻ، زينت سمون، بختاور چنڊ، راڻي ڪوري، نذير بليدي، الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو ۽ ٻين چيو ته صوبائي وزير ڄام خان شوري سڄي قاسم آباد ۾ پنھنجي ملازمن کي آر اوز مقرر ڪرايو آھي.

اليڪشن کي يرغمال ڪرڻ لا قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن جا بلاجواز نامزدگي فارم رد ڪرايا ويا آھن. ڪاشف شورو کي بنا مقابلي آڻڻ لا قومي عوامي تحريڪ جي پورھيت اميدوار خادم شورو کي 8 لک روپين جو پاڻي جو ڪوڙو بل ڏنو ويو آھي. هنن چيو ته ٽي ايم سي قاسم آباد جو آر او اسماعيل لغاري ڄام خان شورو جي حڪم تي قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن جا بلاجواز فارم رد ۽ پ پ جا جعلي فارم بحال ڪيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button