پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت هٿ وٺي خوف ۽ حراس پکيڙڻ چاهي ٿي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي اندر مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ سوين زخمي ٿيڻ وارن واقعن جي ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت هٿ وٺي سنڌ اندر خوف ۽ حراس پکيڙڻ جي لاءِ ڀوتارن جي سهولتڪار بڻجي، پولنگ اسٽيشنن تي جهيڙا ڪرايا ويا آهن ته جيئن هو من پسند نتيجا حاصل ڪري سگهن.

هن چيو ته جنهن اليڪشن ۾ حڪومت جو مڪمل ڪنٽرول هجي، انتظاميا ان جي مرضي ۽ منشا تي هلندي هجي ۽ ان جي آشيرواد سان ڀوتارن جي ذريعي پولنگن تي جهيڙا ڪرائي ڪوڙا ٺپا هڻي دٻا ڀريا ويا هجن، ان کي صاف شفاف اليڪشن نٿو چئي سگهجي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پ پ پ حڪومت وٽ هاڻي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي. هنن کي فوري استعيفا ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هيڏي رتوڇاڻ، ڌانڌلي ۽ ڪوڙن ووٽن جي ذريعي کٽي ايندڙ ڪهڙي عوام جي خدمت ڪندا. هن مطالبو ڪيو ته چونڊن دوران ٿيندڙ پرتشدد واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button