پاڪستانسنڌ

پ پ بلدياتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن جي پھرئين مرحلي ۾ پ پ ۽ پوليس گڏجي مخالفن سان دھشتگردي ڪري ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. سنڌ حڪومت جي کاتن مان چونڊي چونڊي ڪرپٽ آفيسرن کي ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪيو ويو آهي، پرزائيڊنگ آفيسر ڌانڌلي ۾ سھولتڪار ثابت ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي ٽنڊوآدم ۾ قتل ۽ ٻين ضلعن ۾ تشدد واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته قتل ۽ تشدد واقعن سان پ پ جو نام نهاد ڪوڙو جمھوري چھرو بي نقاب ٿي چڪو آھي.

پيپلزپارٽي ظالم وڏيرن، سردارن ۽ ڪرپٽ ٽولي ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. ڪرپٽ ٽولو انساني زندگين جي قيمت تي اقتدار چاھي ٿو. حڪمران 15 سالن کان اقتدار ۾ رھي سنڌ جا وسيلا لٽي رھيا آھن. اسپتالون ۽ اسڪول تباھه آھن. حڪمرانن جا ٻار وڏن مھانگن اسڪولن ۾ يا ٻاھرئين ملڪن ۾ پڙھن ٿا ۽ غريبن جا ٻار سرڪاري کنڊر اسڪولن ۾ داخل آھن، جتي فرنيچر، استادن ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button