پاڪستانسنڌ

چوهڙجمالي لڳ زمين تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 2 عورتون زخمي

چوهڙ جمالي: چوهڙجمالي لڳ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 2عورتون زخمي ٿي پيون، خبر موجب چوهڙجمالي لڳ مريد کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارو لاکاٽيو ۾ ٻن ڌرڀن ۾ زمين جي هلندڙ پراڻي تڪرار سبب جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ ٿيڻ سبب 35 ورهين جو اسماعيل پٽ سارو لاکاٽيو قتل ٿي ويو، جڏھن ته ٻه عورتون 18 ورهين جي مني عرف سروهي ۽ نيامت زخمي ٿي پيون آھن. مقتول جو لاش ۽ زخمي عورتن کي سجاول اسپتال نيو ويو. جتان لاش جو پوست مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀا يوسف لاکاٽيو ٻڌايو ته جمالي برادري جي هٿياربندن اسان جي گهرن تي حملو ڪري انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ منهنجو ڀا اسماعيل قتل ٿي ويو ۽ منهنجي نياڻي مني ۽ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي پيون آھن. جڏھن ته زمين جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي، جمالي برادري جا ماڻھو بااثر آھن، جن اسان جي گهرن تي حملو ڪري منھنجي نوجوان ڀا کي قتل ڪيو آھي.

هوڏانهن جمالي برادري جي ماڻھن جو موقف آھي ته ڄاڻايل زمين اسان جي سروي آھي، جيڪا اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي آباد ڪندا پيا اچون، جنهن تي لاکاٽيا برادري جا ماڻھو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان اهڙي شڪايت لکت ۾ ايس ايس پي سجاول ۽ ڊي سي سجاول کي به ڪئي آھي. اسين پنهنجي زمين تي ٽريڪٽر ڪاهي وياسين ته لاکاٽيا برادري جي ماڻهن اسان مٿان حملو ڪيو، جنهن ۾ اسان جا ماڻھو به زخمي ٿيا آھن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. پوليس زمين تان قبضو ختم ڪراۂئي ٻن ڄڻن خانو جمالي ۽ رياض جمالي کي گرفتار ڪري ورتو آھي. مريد کوسو پوليس جو موقف آھي ته وڌيڪ فريادي ايندا ته ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button