اسلام آبادپاڪستان

افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي 6 مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي 6 مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا منظور ڪئي وئي. ڪابينا قومي ويسٽ مينيجمينٽ پاليسي 2022 منظور ڪري ورتي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن بابت ويزا پاليسي ۾ تبديلي جي ايجنڊا به منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي 22 جون وارن فيصلن جي منظوري به ڏني وئي. ڪابينا جي ليجسليٽو ڪاميٽي جي 23 جون وارن فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اليڪٽرڪ پکن جي توانائي بابت معيار مقرر ڪرڻ جي منظوري سميت حج پاليسي 2022 جو نئون مسودو به منظور ڪيو ويو. ڪابينا افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي 6 مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ واپار کي هٿي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button