اسلام آبادپاڪستان

پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي،ڌريون خدشا ختم ڪن:لاهور ها ڪورٽ

لاهور : حمزا شهباز کي پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي ٻيهر اليڪشن ٿي رهي آهي، ڌريون پنهنجا خدشا ختم ڪن. سپريم ڪورٽ باغي ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري 25 ميمبرن کي ڪڍي ڏسڻو پوندو ته ڪنهن وٽ اڪثريت آهي. اسان ٻيهر اليڪشن جو سوچي رهيا آهيون. تحريڪ انصاف جي وڪيل عدالت کان حمزا شهباز کي هٽائي وڏي وزير جي اليڪشن لاءِ 10 ڏينهن جو وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي. جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب حمزا شهباز سان مشاورت لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي ۽ چيو ته اليڪشن تي ڪو اختلاف ناهي. جسٽس شاهد جميل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 16 تاريخ تي ريورس ڪري ٻيهر اليڪشن ٿئي ته نوان ايندڙ پنج ميمبر ووٽ نٿا ڏئي سگهن. حمزا شهبز جي وڏ وزارت لاءِ اليڪشن ۽ حلف خلاف درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينڪ جي روبرو شنوائي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي درخواست ڪئي ته اسان کي هڪ ڏينهن جو وقت ڏيو ته جيئن وڏي وزير کي صورتحال ٻڌائي سگهون. تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته باغي ميمبرن جا پنجويهه ووٽ شامل نه هجن ته هي وڏو وزير نه رهندو. حمزا شهباز کي اڳ عهدي تان هٽايو وڃي ۽ پوءِ اليڪشن ڪرائي وڃي. اليڪشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي. ڪجهه صورتحال هاڻي ريورس نٿي ٿي سگهي، 25 ميمبر ووٽن مان 5 ووٽ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم ٿي ويو آهي، نئين اليڪشن ۾ هي پنج ووٽ شامل هجڻ گهرجن. ان تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جڏهن اليڪشن ٿي هئي ته ان وقت مخصوص پنج ميمبر ته نه هئا. جيڪڏهن گذريل تاريخ کان ٻيهر اليڪشن ٿئي ته ان ۾ نوان ووٽ ڪيئن شامل ٿيندا؟ جيڪڏهن پراڻي صورتحال واپس ٿئي ٿي ته ان وقت وڏو وزير عثمان بوزدار هو. جسٽس صداقت علي خان چيو ته سپريم ڪورٽ باغي ميمبرن جي ووٽ کي نه ڳڻڻ جو چيو آهي، هنن ڪنهن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو ناهي چيو. بينچ جي ميمبر جسٽس شاهد جميل چيو ته وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ٺيڪ هو يا نه اهو لا ڊويزن جو ڪم آهي. نوان ايندڙ پنج ميمبر 16 اپريل جي تاريخ ۾ ته ووٽ نٿا ڏئي سگهن. تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته عدالت ان ڪيس ۾ ايتري تڪڙ نه ڪري، نوان ماڻهو ووٽ ڪري سگهندا ڇو ته اليڪشن ته 16 اپريل تي ناهي ٿي رهي. ان تي عدالت چيو ته جيڪڏهن 16 تاريخ تي ريورس ڪري ٻيهر اليڪشن ٿئي ٿي ۽ هڪ ڌر اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته ٻي ڌر عدم اعتماد ڪر سگهي ٿي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسان 16 تاريخ تي واپس وڃي نٿا سگهون، اهي باغي 25 ميمبر اڄ ڊي سيٽ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير جا اميدوار اهي ئي هوندا پر ووٽرز نوان هوندا. جسٽس طارق سليم پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو تضاد نه هوندو ته ووترز نوان هوندا ۽ اميدوار پراڻا هجن؟ جنهن جو جواب ڏيندي علي ظفر چيو ته ان سموري وقت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو ڇا ڪريون. عدليا چيو ته ان کي اسان ليگل ڪري سگهون ٿا، اهو عدالت تي ڇڏي ڏيو، جنهن تي علي ظفر جو چوڻ هو ته ان تي اوهان کي وقت ڏيڻو ئي پوندو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عامر سعيد عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي اسپيڪر وڏي وزير جي اليڪشن واري ڏينهن پوليس کي ايوان ۾ داخل ڪرايو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ڪرائڻ جي حڪم تي عمل نه ٿيو، ٻن ميمبرن جي ووٽ تي ٽڪ لڳي هئي جڏهن ته هنن ووٽ ئي نه ڏنا. ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي؟ جواب ۾ عامر سعيد چيو ته نه ڪئي، هاڻي وقت به گذري ويو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هاڻي ته اسان ٻيهر اليڪشن تي وڃڻ جو سوچي رهيا آهيون جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته اليڪشن تي ڪو اختلاف ناهي. تنهن بعد درخواستن تي شنوائي اڄ 10 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button