پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ حيسڪو عملي خلاف شهرين جو ڌرڻو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ غريب آباد ڪالوني جي وارڊ نمبر 9 جي رهواسين چوڌري وجاهت جٽ، اشتياق قائمخاني، ملڪ دلاور، شنڪر لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او حيسڪو آفيس اڳيان ٽنڊوغلام علي روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته اسان جي پاڙي جو ٽرانسفارمر جي هڪ ڪوائل سڙي وئي آهي، ان ڪري 3 ڏينهن کان بجلي ناهي، گرمي ۾ ٻار، عورتون ۽ پيرسن عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، حيسڪو وارا ٽرانسفارمر مرمت لا لاهي ويا، پر هاڻ واپس لڳائڻ لا وڏي رشوت گهري رهيا آهن، اسان انڪار ڪيو ته ٽرانسفارمر نٿا لڳائين. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عملي خلاف ڪارروائي ڪري ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال ڪئي وڃي. ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button