اسلام آبادپاڪستان

حنا رباني کر سان برطانوي هاءِ ڪمشنرجي ملاقات،

اسلام آباد: پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق برطانوي هاءِ ڪمشنر حنا رباني کر کي دولت مشترڪه جي سربراهان حڪومت جي اجلاس جي ڪامياب دوري تي مبارڪ ڏني. ملاقات ۾ حنا رباني کر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا پراڻا دوست ۽ ڀائيوار آهن، اسان موجوده پاڪ برطانيا لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٻطرفي سطح تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button