پاڪستانسنڌ

شاهپورچارڪر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر ۾ سدا واهه مان نڪرندڙ روڻو شاخ جي آبادگارن گذريل چار مهينن کان پاٽي جي کوٽ خلاف هٿن ۾ شيٽون کڻي جاويد خانزادي، قادر ڪيريو، حاڪم شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. آبادگارن چيو ته گذريل چار مهينن کان روڻو شاخ ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو، واري اڏامي پئي، انسان ته پري پر چوپائي مال جي پيئڻ لا به پاڻي ناهي، فصل سکي ويا آھن، ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مٿي جي آبادگارن لاءِ پاڻي موجود آھي، جيڪي ساريون ۽ ڪيلي جو فصل پوکي رهيا آھن، پر اسان کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لا تڙپايو پيو وڃي، آبپاشي کاتي وارا بااثر زميندارن جي واٽر ڪورسن تي ڪارروائي کان لنوائين ٿا. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پاڻي ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button