پاڪستانسنڌ

چمبڙ ويجهو پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

چمبڙ: چمبڙ ويجھو پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ چمبڙ ويجهو ڄارڪي اسٽاپ وٽ ٽنڊوالھيار سب ڊويزن آبپاشي جي نصير واھه مان نڪرندڙ غريب شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف وقار رند، ممتاز رند، محمد علي رند، خان محمد لاشاري، امداد لنجواڻي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پھچڻ سبب اسان جون سوين ايڪڙ زمينون بنجر بنجي ويون آھن، ڪو به فصل پوکي نه سگھيا آھيون. ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايس ڊي او آبپاشي ٽنڊوالھيار، داروغا ۽ ٻيا آبپاشي جا عملدار منڍ جي آبادگارن کان رشوت وٺي انھن جي واٽر ڪورسن جا موڳا ٽوڙائي اسان جي حصي جو پاڻي چوري وڪرو ڪري رھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته شاخ جي منڍ جي واٽر ڪورسن جا موڳا ڊيزائين ڪري پاڻي جو وڪرو بند ڪرايو وڃي، جيئن شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي پھچي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button