پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوارن جو احتجاج

مٺي: مٺي ۾ مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌاندلين، تشدد ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف پي ٽي آئي ۽ آزاد اميدوارن جا سوين حامي روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي ڪڍي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ان سلسلي ۾ مٺي ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن سورو مل ڀيل، پرشوتم سوراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوارن جي سوين حامين ۽ ڪارڪنن سوراڻي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، احتجاج دوران هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ پ پ وارن انتظاميا جي مدد سان غنڊاگردي ڪري مخالفن مٿان تشدد ڪيو ۽ نتيجا تبديل ڪري چونڊ کٽڻ جو ڊرامو رچايو، پولنگ ڏينهن جيڪي يونين ڪائونسلون کٽيون ۽ ڪاميابي جا ليٽر به جاري ڪيا ويا، هاڻ انهن جا نتيجا تبديل ڪيا پيا وڃن، جنهن خلاف روڊن تي نڪتا آھيون. هنن چيو ته ٿر جو ڊي آر او ۽ آر اوز پ پ وارن جا ڪمدار بڻيل آھن، اسان جي کٽيل يوسيز جا نتيجا تبديل ڪري قانون ۽ اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي ۽ عوام جو مينڊيٽ چورايو پيو وڃي. هنن اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪيئ ته ڌانڌلين جو نوٽيس وٺي چونڊ نتيجا تبديل ڪندڙ آفيسرن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوج جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button