پاڪستانسنڌ

مقصودي رند ۾ نامعلوم ماڻهو نوجوان کي اغوا ڪري ويا

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ نوجوان کي نامعلوم ٽوڊي ڪار تي سوار کنڀي کڻي ويا، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. مقصودو رند ۾ ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم ماڻھو نوجوان سڪندر علي خاصخيلي کي کنڀي کڻي ويا. وارثن اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو. نوجوان جي والد آچر خاصخيلي جو چوڻ آهي ته منھنجو پٽ سڪندر خاصخيلي موٽرسائيڪل تي صبح سوير ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر نڪتو ته رستي تي ٽوڊي ڪار تي سوار نامعلوم ماڻھن کيس کنڀي کڻي ويا آھن. اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. اسان جي اپيل آھي ته منھنجي پٽ جي ڳولا ڪئي وڃي. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي ڄاڻ ملي آهي، جاچ هلي پئي، اسان نوجوان جي ڳولا ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button