اسلام آبادپاڪستان

شاهه محمود قريشي پنهنجي ئي پارٽي تي کيس هارائڻ جو الزام هڻي ڇڏيو

ملتان: تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پنهنجي ئي پارٽي تي هن کي 2018 واري عام اليڪشن ۾ صوبائي تڪ تي هارائن جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. ملتان جي تڪ پي پي 217 ۾ ٿيندڙ ضمني اليڪشن جي جاري مهم ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سال 2018 جي عام اليڪشن ۾ منهنجي ئي پارٽي منهنجي خلاف سازش ڪندي مون کي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان هارايو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هن سازش سان کيس ڪو فرق نه پيو، هو وزير خارجا ٿي ويو، پر ملتان کي ۽ ڏکڻ پنجاب کي وڏو فرق پيو، ان باري ۾ عمران خان کي به ٻڌايو هو ته جيڪڏهن آئون کٽي وڃان ها ته پنجاب جي اها حالت نه هجي ها.

هن چيو ته ماڻهن مون کي چيو ته ضمني اليڪشن ۾ پٽ زين کي نه بيهاريو، وائيس چيئرمين جو پٽ هارائجي ويو ته بيعزتي ٿيندي، مون انهن کي چيو ته ڪجهه جنگيون رڳو کٽڻ لاءِ نه وڙهبيون آهن. ياد رهي ته شاهه محمود قريشي کي 2018 واري عام اليڪشن ۾ ملتان جي صوبائي تڪ تان آزاد اميدوار محمد سلمان شڪست ڏني هئي، جيڪو پوءِ عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو هو. سلمان پنجاب ۾ بزدار جي استعيفا بعد نئين وڏي وزير جي چونڊ دوران منحرف ٿي ويو هو، جنهن تي عدالت کيس نااهل قرار ڏنو هو. هن پوءِ نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هاڻي هو ضمني چونڊ ۾ نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ورهي رهيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان شاهه محود قريشي جو پٽ زين قريشي هن جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button