اسلام آبادپاڪستان

14 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ،شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان ٽپي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فعال 7 هزار 674 ميگاواٽ تائين پهچي ويو، جنهن سبب ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو. پاور ڊويزن ذريعن مطابق سخت گرمي سبب بجلي جي طلب ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 7 هزار 674 ميگاواٽ تائين پهچي ويو. ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 29 هزار 900 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. بجلي جي ڪل پيداوار 22 هزار 226 ميگاواٽ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 14 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. پاور ڊويزن ذريعن ٻڌايو ته ملڪ ۾ پاڻي مان 5 هزار 625 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس هڪ هزار 327 ميگاواٽ، خانگي شعبي جي بجلي گهرن جي ڪل پيداوار 11 هزار 500 ميگاواٽ، ونڊپاور پلانٽس هڪ هزار 235 ۽ سولر پلانٽس مان پيداوار 122 ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button