اسلام آبادپاڪستان

فرح گوگي خلاف اينٽي ڪرپشن کاتو به سرگرم،جاچ شروع،رڪارڊ طلب

لاهور : اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. فرح خان عرف گوگي نيب لاهور کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جي ريڊار تي به اچي وئي. پنجاب جي بدعنواني روڪ کاتي فرح گوگي خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن پنجاب شهرين جي درخواست تي فرح خان جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني غوثيا بلڊرز خلاف گوجرانوالا ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي ڊولپمينٽ جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي آهي. درخواست موجب فرح خان جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني غوثيا بلڊرز گوجرانوالا ۾ جي مگنوليا جي نالي سان هائوسنگ سوسائٽي شروع ڪئي، ڪنسٽرڪشن ڪمپني شهرين کي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽن جا فائل کپايا پر پلاٽ موجود ناهن. فرح گوگي ڪنسٽرڪشن ڪمپني غوثيا بلڊرز جي ڊائريڪٽر آهي ۽ اينٽي ڪرپشن پنجاب شروعاتي جاچ لاءِ گوجرانوالا ڊولپمينٽ اٿارٽي کان سوسائٽي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن تي نيب اڳ ئي فرح گوگي خلاف جاچ ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button