اسلام آبادپاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ميمبر اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهن:مريم نواز

لاهور : ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پنجاب کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحرانن ۾ ڌڪيندڙن کي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته مينڊيٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌانڌلي سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ هاڻي چونڊ روڪرائڻ لاءِ ضد ڪري رهيا آهن.هن چيو ته انهن جا پنهنجا ڪيترائي ميمبر اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهن. حڪومت ختم ڪندي ڪندي انهن لاءِ پنهنجي ڳڻپ پوري ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو. سندس چوڻ هو ته مينڊيٽ کسڻ، فرح، بوزدار، پيرڻي، مني گالا گينگ ذريعي پنجاب جي پئسي ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ، پنجاب جي عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ آهي. مريم نواز چيو ته پنجاب خلاف فتني خان جي ڏوهن جي فهرست ڊگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button