پاڪستانپنجاب

پنجاب جي وڏي وزير لا باغي ميمبرن جي ووٽن بنا ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف تحريڪ انصاف جون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن. عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرن جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ٻيهر راءِ شماري ۾ جنهن جي اڪثريت ٿيندي، اهو کٽي ويندو. ڪالهه جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي شنوائي ڪئي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس صداقت علي خان کانسواءِ جسٽس شهرام سرور چوڌري، جسٽس ساجد محمود سيٺي، جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس شاهد جميل خان شامل هئا. لارجر بيچ ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ ق ليگ ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جي اپيلن تي شنوائي ڪئي وئي. ڄاڻايل درخواستون حمزه شهباز جي وڏي وزير طور چونڊ ۽ سنگل بينچ جي فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون هيون. درخواستن تي 4 جي مقابلي ۾ هڪ جو فيصلو آيو، جسٽس ساجد محمود سيٺي چئن ججز جي ڪجهه نڪتن سان اختلاف ڪيو. عدالت پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف پي ٽي آءِ جون درخواستون منظور ڪيون آهن ۽ حلف خلاف اپيلن کي اڪلايو ويو آهي.تحريڪ انصاف طرفان 5 اپيلون داخل ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ حمزا شهباز جي چونڊ کي چئلينج ڪيو ويو. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستن تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نئين اليڪشن جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي، ٻيهر اليڪشن جو حڪم سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف هوندو. اسان پرزائيڊنگ آفيسر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت به نٿا چئي سگهون. عدالت پريزائيڊنگ آفيسر جو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، ٻيهر راءِ شماري ۾ جنهن جي اڪثريت ثابت ٿئي اهو کٽي ويندو. جيڪڏهن ڪنهن کي گهربل اڪثريت نٿي ملي ته آرٽيڪل 130 چار تحت سيڪنڊ پول ٿيندو، 25 ووٽ ڪڍڻ کانپوءِ اڪثريت نه ملڻ تي حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير نه رهندو. حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گورنر پنجاب پهرين جولاءِ تي اسيمبلي اجلاس سڏائي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اليڪشن ٿيڻ تائين ملتوي نه ڪيو ويندو. اليڪشن عمل مڪمل ٿين کانپوءِ نئين چونڊيل وڏي وزير جي حلف برداري تقريب کي ٻه جولاءِ تي يقيني بڻايو وڃي. حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڏي وزير وزير حلف خلاف اپيلون اڪلائيون وڃن ٿيون، جنهن جا سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button