پاڪستانسنڌ

هنر ۽ ڪردار زندگي ۾ ڪاميابي لا اهم آهن: ڄامشوري ۾ سيمينار

ڄامشورو: شهيد الهه بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ “نوجوان عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچي سگهن ٿا” جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار ٿي گذريو. سيمينار ليڪچر کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جنيد اڪبر شاهه چيو ته عدم تحفظ هڪ عام احساس آهي، جيڪو تقريبن اڪثر ماڻهن کي زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي درپيش اچي ٿو، اعتماد جي کوٽ، بي اعتباري، تڪليف ڏيندڙ ڳالهيون، مذاق کي نه سمجهڻ، غير يقيني نوڪري، جسماني بيهڪ، بنا تياري جي امتحان ۾ ويهڻ، ناقص ڪارڪردگي، ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ، صحت، کاڌو ۽ خاندان جو سهڪار نه هئڻ عدم تحفظ جون علامتون آهن، جيڪي ماڻهن کي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته زندگيءَ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ، مداخلت جي منصوبابندي ڪرڻ، حقيقي اميد رکڻ، سٺين شين ۽ خيالن جي ڳولا، ورزش، صحتمند کاڌي جو استعمال ڪرڻ ۽ نه تبديل ٿيندڙ شيءِ سان هٿ چراند نه ڪرڻ سبب ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان محفوظ رهي ٿو. ڊاڪٽر جنيد وڌيڪ چيو ته هڪ تحقيق موجب يونيورسٽين ۾ جيڪو ڪجهه پڙهايو وڃي ٿو اهو هر پنجن سالن بعد تبديل يا پراڻو ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري هنر ۽ ڪردار نوجوان جي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ تمام اهم آهن. سندس چوڻ هو ته نيورو لينگوسٽڪ پروگرامنگ جي اصولن تحت نوجوان ڪن به پنجن اعلى شخصيتن جي چونڊ ڪري انهن جي زندگي جي نقل ڪن ته سندن زندگيءَ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو ۽ هو ڪاميابي طرف گامزن ٿيندا. سيمينار ليڪچر کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته هن قسم جي ليڪچر منعقد ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن کي موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي باري ۾ سوال اٿاري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button