أحيدرآباد (رپورٽ: سترام سانگي)پنجاب جي وڏي وزير جي ڪاميابي لا صوبي جي 20 تڪن تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون اهميت اختيار ڪري ويون. بظاهر پنجاب جي وزيراعليٰ جي چونڊ لا نوازليگ جي پوزيشن سگهاري نظر اچي رهي آهي، پر ڪاميابي ماڻڻ لا 20 مان 9 سيٽون کٽڻيون پونديون. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آئيني بحران موجود آهن. پنجاب اسيمبلي جي ايوان جون ڪل سيٽون 371 آهن، جن مان وڏي وزير جي چونڊ کٽڻ لا ڪل 186 سيٽون گهربل آهن. پنجاب ۾ پارٽي پوزيشن کي ڏٺو وڃي ته هن وقت نوازليگ ۽ اتحادين وٽ 177 سيٽون موجود آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادين وٽ 169 سيٽون موجود آهن. ان کانسوا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان اليڪشن ڪميشن کي 5 مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حوالي سان حڪم ڏنو ويو آهي. ان لحاظ جيڪڏهن اهي 5 سيٽون ملائجن ته پي ٽي آ ۽ اتحادين وٽ ڪل 174 سيٽون ٿين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ هن وقت 17 جولا تي 20 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ڪافي اهميت اختيار ڪري وئي آهي ڇو ته انهن تڪن تان نوازليگ کي حمزا شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير چونڊرائڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 9 سيٽون کٽڻ لازمي آهي، تڏهن وڏ وزارت لا پوزيشن مضبوط ٿيندي. ساڳي ريت تحريڪ انصاف ۽ اتحادين کي پڻ وڏي وزير جو منصب ماڻڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 12 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي تڏهن وڃي پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪالهه ان معاملي تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته حمزا شهباز تيستائين پنجاب جو وڏو وزير برقرار رهندو، جيستائين نئين چونڊ نٿي ٿي، جيڪا ٻيهر 22 جولا تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پارٽي پوزيشن جي حوالي سان حڪمران جماعت نوازليگ ۽ اتحادين وٽ 371 جي ايوان مان ڪل 177 سيٽون آهن، جنهن ۾ نوازليگ جون 165 سيٽون، پيپلز پارٽي جون 7 سيٽون، راهه حق پارٽي جي هڪ سيٽ ۽ آزاد اميدوارن جون 4 سيٽون شامل آهن. ان جي ابتڙ تحريڪ انصاف ۽ اتحادين وٽ 169 سيٽون آهن، جن مان پي ٽي آ جون 158، مسلم ليگ ق جون 10 سيٽون ۽ هڪ آزاد اميدوار جي سيٽ شامل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close