پاڪستانسنڌ

شهدادپور لڳ ڇوڪري ڪوئا مار دوا پيئڻ سبب فوت

شھدادپور: شھدادپور ويجهو ڀڳڙا باغ جي رهواسي 14سالن جي نينگري عروج ڌي بلاول آرائين گهر اندر مبينا طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، جنهن جو لاش سمس اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي سندس والد بلال جو چوڻ هو ته ننڍڙي چپس کاڌا، جنهن ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي. هوڏانهن ڊاڪٽرن موجب ڪوئا مار زهريلي دوا سبب نينگري فوت ٿي آهي. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button