پاڪستانسنڌ

سوشل ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي: اليڪشن ڪمشنر

حيدرآباد: صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ حيدرآباد ڊويزن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي 24 جولا تي اڻ ڌري، منصفاڻي ۽ شفاف مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي کي يقيني بنائڻ خاطر 15 جولا تائين پنهنجو پنهنجو جامع پلان ترتيب ڏين ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ضابطا اخلاق تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙو اظهار هن گڏجاڻي ۾ خطاب دوران ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آر اوز، ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز، ڪمانڊنٽ قاسم رينجرز/ ٿر رينجرز ، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، حيسڪو چيف ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا. اعجاز انور چوهاڻ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ چونڊن دوران ڪا به غفلت يا واقعو فوري طور تي وائرل ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري لاڳاپيل عملدار چونڊن جي انعقاد لاءِ بهتر کان بهتر انتظام ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن لاڳاپيل عملدارن کي چيو ته هو سمورن ضلعي جي تمام انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن جي نئين فهرست ٺاهين ته جيئن ان موجب رينجرز ۽ پوليس جي مقرري سميت ٻيا ضروري انتظام ڪري سگهجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button