پاڪستان

معيشت جي خرابي سڄي نظام جي خرابي جو حصو آهي: سراج الحق

پشاور: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ، جاگيردارن ۽ ڪرپٽ سرمائيدارن جو ڳٺ جوڙ ملڪ ۾ تباهي جو سبب آهي. معيشت جي خرابي سڄي نظام جي خرابي جو حصو آهي. اسان وٽ وسيلن جي کوٽ ناهي پر مافيا هر شعبي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي کانپوءِ تبديلي اچي ويندي پر حقيقت اها آهي ته اهي ٽيئي حڪمران پارٽيون هڪ ئي نظام جو حصو ۽ پرزا آهن. پشاور ۾ بار ايسوسي ايشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جا 35 سال جنرلن جي حڪومتن ۾ تباهه ٿيا ۽ باقي 35 سال نام نهاد جمهوريتن تي قربان ٿي ويا. اڄ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ان کي ننڊ مان اٿاري ڇڏيو آهي، غريب ماني لاءِ تڙپي رهيا آهن حالتن کان تنگ ۽ بيزار ٿي ڪري غريب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. معيشت زوال پذير ٿي وئي رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ ادارا ڪمزور ٿيا. انهن سمورن مسئلن جا ذميوار حڪمران آهن. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي جي جنگ ڪنهن پارٽي يا اڳواڻ سان ناهي اسان هن فرسوده نظام خلاف جهاد ڪري رهيا آهيون، مان وڪيلن کي گذارش ڪريان ٿو ته قوم جي حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪن. هي ملڪ ڪنهن جنرل يا بزرگ جي هٿان نه پر ڪنهن وڪيل جي هٿان آزاد ٿيو، اڄ وڪيلن جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪري مظلومن کي سندن اصل حق ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button