پاڪستانسنڌ

ڪاڇي ۾ نئين گاج وهي اچڻ ڪري جوهي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو

جوهي: سنڌ بلوچستان جي جابلو پٽي ۾ برسات پوڻ ڪري نئين گاج 17 فوٽ وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جون ٽن کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ڊرگھه بالا، يوسي پٽ گل محمد ۽ يوسي ٽوڙ جي سوين ڳوٺن جو تعلقي هيڊڪوارٽر جوهي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر دادو کان زميني رابطو ڪٽجي ويو. جڏهن ته جوهي ڊرگهه بالا روڊ، ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۽ بهار شاھه جي ڍوري وٽان نئين جي پاڻي جي هيٺ اچڻ ڪري زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي. نئين جي پاڻي وهي اچڻ سبب ڳوٺ ننگر داريو ۾ قائم جوهي جي واٽر سپلائي اسڪيم به مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. ان حوالي سان رهواسين جو چوڻ آهي ته نئين گاج جو پاڻي جوهي طرف وڌڻ ڪري ايف پي بند سان ٽڪرائجي منڇر طرف وڌي رهيو آھي، جنهن سبب ڪاڇي جي ڏڪار سٽيل ماڻھن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button