پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ ڌانڌلي خلاف پي ٽي آ ۽ آزاد اميدوارن جي ريلي، ڌرڻو

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ بلدياتي اليڪشن دوران ڌانڌلي ڪرڻ خلاف پي ٽي آئي اڳواڻ ارباب انور جبار، ارباب ظفر الله، ارباب رضوان، ارباب عنايت الله، ارباب سميح الله، لالا لجپت ڀيل، آزاد اميدوار محمد خان لنڊ، مولابخش بجير ۽ حاجي مبارڪ لنڊ جي اڳواڻي ۾ لنڊ هائوس کان سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جڏهن ته مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، بلدياتي اليڪشن ۾ ٿرپارڪر ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ڪري رات جي پيٽ ۾ ٺپا هنيا ويا، ٿرپارڪر ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن ڏوهاري آڻي مختلف پولنگن تي جهيڙا ڪرايا، ڪافي پولنگ اسٽيشن تي عورتن تي تشدد پڻ ڪيو ويو، ڊي آر اوز ۽ آر اوز ڪمدار بڻيل هئا، ايس ايس پي ٿرپارڪر منشي جو ڪردار ادا ڪري پوليس جي معرفت ماڻهن کي تنگ ڪندو رهيو. هنن چيو ته اسان ٿرپارڪر جو سڀ سيٽون کٽيون آهن، هي ڌانڌلي ڪري جيت جو جشن ملهائين پيا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٿرپارڪر ۾ فوج جي نگراني ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي، گذريل اليڪشن نه پر سليڪشن هئي، جنهن کي اسان رد ڪيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button