مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 6 پري ڪوارٽر فائنل مقابلي ۾ ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم ملان حرمت اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ ڪندي ملا حرمت اليون جي ٽيم عديل ڪيريو جي 54 رنسن جي مدد سان مقرر 15 اوورن ۾ 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم 15 اوورن ۾ نادر علي جي 28 رنسن جي مدد سان 123 رنسون ٺاهيون. ميچ ۾ بهترين بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ تي عاشق ڪيريو کي مين آف دي ميچ قرار ڏئي ايوارڊ ڏنو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close