پاڪستانسنڌ

مٺي ويجهو نوجوان ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي: مٺي ويجهو 18 ورهين جي نوجوان ناري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو. ان ڏس ۾ مٺي جي ڳوٺ ڦل جي وانڊ ڀرسان نوجوان ناري 18 ورهين جي ثمينه ڌي محمد حيات هالو جو وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کاڌل لاش مليو. وڄوٽو پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان ناري گهرو پريشانين ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آھي، وارث واقعي کي خودڪشي قرار ڏين ٿا. هوڏانهن وارثن موجب ناري گهرو پريشانين سبب گهران ڪاوڙجي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو آھي. ھوڏانهن خودڪشين جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي. ٿرپارڪر ۾ 24 ڪلاڪن اندر خودڪشين جا 3 واقعا رپورٽ ٿيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button