حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ضلعي ڪائونسل جي رهواسين پاران 3 ڏينهن اڳ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف گل سينٽر چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي حيسڪو اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ضلعي ڪائونسل ڪامپليڪس جي صدر محمد موسى کوکر، جنرل سيڪريٽري علي نواز نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن اڳ وپڊا عملي جي لاپرواهي ڪري ٽرانسفارمر سڙي ويو.
جنهن جو اطلاع گاڏي کاتي سب ڊويزن جي ايس ڊي او ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڏنو پر سندن ڪنن تي جون نه ٿي چري جڏهن ته شديد بارشن ۽ گرمي ڪري ماڻهن جي حالت انتهائي خراب آهي، پاڻي جو بحران پڻ پيدا ٿي ويو آهي، حيسڪو عملدار ڪوڙن آسرن ۾ هلائين پيا. هنن مطالبو ڪيو فوري طور ٽرانسفار مر تبديل ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ حيسڪو چيف جي آفيس جو گهيرا ڪيو ويندو.