پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر قدم کڻي پئي: ڄام خان شورو

حيدرآباد: آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران چوماسي برسات جي وسڪاري بعد ڪالهه حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر عبدالجبار خان، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ ساڻس گڏ ھئا. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته چوماسي جي برساتن دوران سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

ھن ضلعي انتظاميا حيدرآباد ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي ھدايتون ڪيون ته ھو ھلندڙ چوماسي جي برساتن جي وسڪاري جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي پنھنجن سمورن انتظامن کي يقيني بڻائين ۽ کين چيو ته ھو تمام وسيلا ڪتب آڻيندي شھر مان مينهن جي پاڻي جي جلد نيڪال خاص طور تي ھيٺان علائقن مان پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائين. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سانوڻي جي برسات دوران پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ لاڳاپيل کاتن جو سمورو عملو گھربل مشينري سميت روڊن ۽ شھر جي ھيٺان علائقن ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيبي بڻائين. ان کان اڳ صوبائي وزير ڄام خان شورو لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ملاح ڳوٺ سميت شهر جي ٻين مختلف علائقن جو دورو ڪري برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو. جڏهن ته لطيف آباد يونٽ نمبر 9- 4 ۾ قائم پمپنگ اسٽيشن ۽ تلسي داس پمپنگ اسٽيشن جو پڻ معائنو ڪندي جائزو ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button