پاڪستانسنڌ

حيدرآباد کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏين جي ڀاڙن ۾ 100 سيڪڙو واڌ

حيدرآباد: عيد جون خوشيون پنهنجن پيارن سان ملهائڻ لاءِ حيدرآباد کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي ٽرانسپورٽر لٽڻ لڳا، ڀاڙن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي باوجود لاڳاپيل کاتي ۽ ضلعي انتطاميا ٽرانسپورٽرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جنهن ڪري غريب طبقي سان تعلق رکندڙ مسافر ٻارن ٻچن سميت گاڏين جي اسٽاپن تي سخت پريشان ٿيندا رهيا، حيدرآباد کان دادو، سکر، ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، عمرڪوٽ، بدين روٽ تي هلندڙ ويگنن، ڊوم گاڏين، بسن ۽ ڪوچن وارن عيد جي موقعي جو فائدو وٺندي ڪراين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، وڌايل ڪرايو نه ڏيندڙ مسافرن کي ٽرانسپورٽ عملو زوري گاڏين مان لاهيندو رهي ٿو ۽ ٻي گاڏي ۾ وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏي ٿو، اهڙي ڇڪتاڻ سبب ٽرانسپورٽرن ۽ مسافرن ۾ جهڙپون به ٿينديون رهن ٿيون، جڏهن ته بس اڏن تي موجود پوليس اهلڪار توڙي ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل رهي آهي.

ڪنهن به لاڳاپيل عملدار ٽرانسپورٽرن جي اهڙي رويي خلاف ڪو به قدم نه کنيو. مسافرن جو چوڻ هو ته هر ايندڙ عيد تي ٽرانسپورٽر پنهنجي مرضي سان ڪرائي ۾ واڌ ڪن ٿا، جنهن ڪري مسافر سخت پريشان ٿين ٿا، پر انتظاميا ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، جنهن ڪري مسڪين ماڻهو مجبور ٿي ٽرانسپورٽرن هٿان لٽجندا رهن ٿا. مسافرن گهر ڪئي ته ٽرانسپورٽرن جي اهڙي عمل جو نوٽيس ورتو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي کان ميهڙ، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، گهوٽڪي، نوابشاهه ۽ حيدرآباد سميت مختلف روٽن تي مسافرن کان 25 سئو روپين کان 35 سئو روپيا ڪرايو وصول ڪيو پيو وڃي، ڪراچي کان حيدرآباد جو ڪرايو 12 سئو کان 15 سئو روپيا مقرر ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button